ٽهڪي نڪتا ٽوهه

ٽهڪي نڪتا ٽوهه

ٽهڪي نڪتا ٽوهه

ٽهڪي نڪتا ٽوهه (ڪتاب): هيءُ سنڌ جي ناليواري قومي اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جي تحريرن جو مجموعو آهي، جيڪو عبدالحڪيم ميمڻ، ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ’مٿي آرڻ اچ‘، ’سمنڊ جي سيوين‘، ’سيد ۽ سن‘، ’ائٽم بم ۽ گاسليٽ‘، ’اسان جو شاعر انساني ضمير جو آواز‘، ’ڌرتيءَ جا گيت‘، ’امر ڪوٽ جو نئون مينڌرو‘ (حليم باغي) عنوانن سان مختلف موضوعن تي مضمون لکيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامور صحافي ناز سهتي جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ عبدالواحد آريسر جا انٽرويو به شامل آهن، ڪتاب جو انتساب عبدالواحد آريسر پنهنجي ونيءَ ڪيسر جي نالي ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ سائين جي. ايم. سيد جي سياسي، ادبي، علمي خدمتن سميت نئين سنڌ اڏڻ لاءِ ڪيل ڪشالن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪرائون سائيز ۾ 111 صفحن تي، ڪچي جلد ۾ ڊيمي سائيز جي ٻه رنگي ٽائيٽل سان هيءُ ڪتاب 1985ع ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن جي قيمت 18 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو